آمريڪي صدر وزيراعظم عمران خان جو وائيٽ هائوس ۾ استقبال ڪندو:پرڏيهي وزير

    0
    77

    واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم عمران خان جو وائيٽ هائوس ۾ استقبال ڪندو.

    شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي دوري جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ عمران خان وچ ۾ ملاقات جون ويهڪون ٿينديون، پهرين ويهڪ اوول آفيس ۽ ٻي ڪيبنٽ روم ۾ ٿيندي.

    هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خواهش آهي ته وزيراعظم عمران خان وائيٽ هائوس جو دورو ڪري.

    شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عمران خان جون ورلڊ بئنڪ جي وفد سان به ڳالهيون ٿينديون، سرڪاري مصروفتين بعد وزيراعظم ڪيپٽل ون ارينا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندو.

    پرڏيهي وزير مطابق آمريڪي دوري دوران عسڪري قيادت به وزيراعظم سان گڏ هوندي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي هڪ بزنس ڪائونسل به وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.

    ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان 21 کان 23 جولاءِ تائين آمريڪا جو دورو ڪندو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 22 جولاءِ تي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.

    LEAVE A REPLY