ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي گرفتار

0
72

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي کي يو پي پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل 10 ماڻهن جي تعزيت لاءِ وڃڻ کان روڪڻ بعد گرفتار ڪري ورتو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت جي رياست اتر پرديس جي ضلعي سونڀادرا ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن عورتن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا هئا.

پريانڪا گانڌي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت لاءِ وڃي رهي هئي ته رستي ۾ پوليس روڪي ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پريانڪا کي گرفتار ناهي ڪيو، کيس حفاظتي تحويل ۾ ورتو آهي، ڇو ته ڄاڻايل ضلعي ۾ حالتون صحيح نه آهن، اتي آرٽيڪل 144 لاڳو ٿيل آهي.

پريانڪا گانڌي سوشل ميڊيا تي پيغام ۾ چيو آهي ته کيس 9 ڪلاڪن کان چونر فورٽ ۾ قيد ڪري رکيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته آزادي لاءِ مون کي 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪه جمعي ڪرائڻا پوندا، ٻي صورت ۾ 14 ڏينهن قيد جي سزا ملندي.

واضح رهي ته پريانڪا گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي پنهنجي ڀيڻ جي گرفتاري تي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته پريانڪا جي گرفتاري ڀارتيه جنتا پارٽي جي حڪومت جو غيرقانوني ۽ ڳڻتي جوڳو قدم آهي.

LEAVE A REPLY