اجازت بنا ريلي ڪڍڻ ۽ جلسو ڪرڻ تي مريم نواز خلاف ڪيس داخل

0
68

لاهور (ويب ڊيسڪ) انتظاميا جي اجازت کانسواءِ ريلي ڪڍڻ ۽ جلسو ڪرڻ تي مريم نواز ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.

فيصل آباد جي نشاط آباد، سرگوڌا روڊ، سمن آباد ۽ فيڪٽري ايريا ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز، راڻاثناءُالله جي گهرواري ۽ ناٺي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

انهن خلاف داخل ڪيسن ۾ ن ليگ اڳواڻن سنڌ جي اڳوڻي گورنر زبير عمر، مصدق ملڪ، جاويد لطيف، طلال چوڌري ۽ ٻين کي پڻ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

مسلم ليگ ن اڳواڻن تي داخل ڪيسن ۾ انتشار پکيڙڻ، غيرقانوني جلسي، امن ۾ خلل ۽ سائونڊ سسٽم ايڪٽ جي ڀڃڪڙي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته مريم نواز 21 جولاءِ تي فيصل آباد ۾ ريلي ڪڍڻ ۽ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر انتظاميا اجازت نه ڏني هئي ۽ مريم نواز اجازت بنا ريلي ڪڍڻ کانپوءِ جلسو ڪيو هو.

LEAVE A REPLY