ڪراچي ۾ جائيدادن جي اگهن ۾ 66 سيڪڙو تائين واڌ

0
99

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪراچي لاءِ جائيدادن جي نون اگهن جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت جائيدادن جي اگهن ۾ 66 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو ڪراچي ۾ جائيدادن کي 11 ڪيٽيگريز ۾ ورهايو آهي جنهن تحت رهائشي پلاٽس جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 3 هزار رپيا مربع يارڊ ۽ وڌ کان وڌ 65 هزار رپيا في مربع يارڊ رکي وئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ اڏيل گهرن جي وڌ کان وڌ قيمت 72 هزار رپيا في اسڪوائر يارڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ قيمت 4500 رپيا في اسڪوائر يارڊ مقرر ڪئي وئي آهي اهڙي طرح ڪمرشل پلاٽ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 3 هزار رپيا في مربع يارڊ ۽ وڌ کان وڌ قيمت هڪ لک 50 هزار رپيا في مربع يارڊ مقرر ڪئي وئي آهي.

شهر ۾ اڏيل ڪمرشل پلاٽ جي وڌ کان وڌ قيمت 90 هزار رپيا في مربع يارڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ قيمت 4500 رپيا في مربع يارڊ مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته انڊسٽريل پلاٽ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 5 هزار رپيا ۽ وڌ کان وڌ قيمت 10 هزار رپيا في مربع يارڊ مقرر ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ اڏيل انڊسٽريل پلاٽ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 2760 رپيا ۽ وڌ کان وڌي قيمت 2780 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ فليٽس جي وڌ کان وڌ قيمت 6500 ۽ گهٽ ۾ گهٽ 550 رپيا في مربع يارڊ مقرر ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ اي ون ڪيٽيگري رهائشي جائيداد جي قيمت ۾ 66 سيڪڙو ۽ ڪيٽيگري اي ون ۾ ڪمرشل جائيداد جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

اي ون ڪيٽيگري ۾ اوپن رهائشي جائيداد ۾ في مربع گز 23 هزار رپيا، رهائشي بلڊ اپ پراپرٽي جي في مربع گز جي قيمت ۾ 24 هزار رپيا ۽ ڪيٽيگري اي ون ۾ ڪمرشل اوپن پلاٽ جي قيمت ۾ 30 هزار رپين تائين واڌ ڪئي وئي.

ان کانسواءِ ايف بي آر اسلام آباد، راولپنڊي، ايبٽ آباد، بهاولپور، فيصل آباد، گجرات، حيدرآباد، سکر،  جهنگ، جهلم، لاهور، گوجرانوالا، سرگوڌا، مردان، ملتان، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ساهيوال لاءِ به پراپرٽيز جا اگهه جاري ڪيا ويا آهن.

LEAVE A REPLY