ايف بي آر پاران موٽرسائيڪل ۽ رڪشائن تي ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ترديد

0
87

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ايف بي آر پاران موٽرسائيڪل يا رڪشائن تي ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.

گذريل ڏينهن ميڊيا تي خبرون آيون هيون ته ايف بي آر موٽرسائيڪل ۽ رڪشائن جي رجسٽريشن تي ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ موٽرسائيڪل جي رجسٽريشن فيس 3 هزار 4 سئو رپين کان وڌي 20 هزار 900 رپيا ٿي ويندي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو بيان جاري ڪندي موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن تي ودهولڊنگ ٽيڪسز لاڳو ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ايف بي آر جي پاليسي انڪم ٽيڪس ميمبر عتيق سرور جو چوڻ هو ته موٽروهيڪل ٽيڪسز تي ردوبدل گهٽ آمدني واري طبقي تي لاڳو نه ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته موٽرسائيڪل تي ودهولڊنگ ٽيڪس ڪنهن آفيسر جي ذاتي وضاحت ٿي سگهي ٿي پر اها ايف بي آر پاليسي ناهي.

ايف بي آر جي پاليسي انڪم ٽيڪس ميمبر جو چوڻ هو ته ٽيڪس ۾ واڌ جي ڪوشش دوران ننڍي طبقي کي ڇوٽ ڏيڻ ترجيح آهي.

LEAVE A REPLY