مريم نواز سينيٽر فيصل جاويد جي شڪريه تي ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا

0
58
Maryam Nawaz Tweet

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن نائب صدر مريم نواز سينيٽر فيصل جاويد جي شڪريه تي پنهنجا ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.

سينيٽر فيصل جاويد ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ مالي نظام بابت رپورٽ پوسٽ ڪرڻ تي مريم نواز جو ٿورو ادا ڪيو جنهن کانپوءِ مريم نواز ٿوري دير ۾ پنهنجا ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.

مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ن ليگ جي دور ۾ مالي نظام بابت پيغام جاري ڪندي چيو ته نالائقن ۽ نااهلن جي اصل ڪارڪردگي.

مريم نواز پاران ڪيل ٽوئيٽس مطابق ورلڊ بينڪ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي بجيٽ پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي، ن ليگ جا ناڪاري اثر پي ٽي آءِ دور ۾ به برقرار آهن.

فيصل جاويد مريم نواز جي پيغام تي ري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته بهترين، تاريخ جي بدترين ڪارڪردگي سامهون آڻڻ لاءِ مريم نواز واکاڻ جي لائق آهي، اسان ته چوندا آيا آهيون اڄ اوهان به مڃي ورتو.

ان جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ مريم نواز ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيو جنهن تي فيصل جاويد لکيو ته ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي توهان جيڪو ڪيو ان تي شرمسار نه ٿيو، سچ ڳالهائڻ تي اوهان کي فخر محسوس ڪرڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY