هڪ لک کان وڌيڪ نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا: شبر زيدي

0
61
FBR Chairman

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 500 مربع گز جي گهر ۽ هڪ هزار سي سي جي گاڏي رکندڙ هڪ لک نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي انٽرويو دوران ڳالهائيندي چيو ته يقينن اسان اهڙن ماڻهن کي نوٽيس موڪلينداسين جن کي انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت پنهنجا ٽيڪس ريٽرنز جمع ڪرائڻا هئا.

ايف بي آر چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت ڪيترائي ڀيرا ٽيڪس ريٽرنز جمع ڪرائڻ ۽ اثاثا ظاهر ڪرڻ جي آخري تاريخن ۾ واڌ ڪئي آهي پر هاڻي اسان نان فائلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

شبر زيدي جو چوڻ هو ته ايف بي آر اهڙن هڪ ڪروڙ ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي آهي جن وٽ 500 مربع گز يا ان کان وڌيڪ جو گهر آهي ۽ 1000 سي سي يا ان کان وڌيڪ انجڻ واري گاڏي ۽ پرڏيهه ۾ بينڪ اڪائونٽس آهن.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي چيو ته ان طرح سان ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY