پردي پويان جيڪي حالتون آهن اُهي بيان نه ٿيون ڪري سگهجن: شيخ رشيد

0
96
Shaikh Rasheed

سکر (ويب ڊيسڪ) شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پردي پويان جيڪي حالتون آهن اهي بيان نه ٿيون ڪري سگهجن.

تفصيل موجب سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ سينيٽ چيئرمين جو فٽبال نه ٺاهيو ويندو آهي، سينيٽ ۾ جيڪو به کٽي يا هارائي جمهوريت ڪمزور ٿيندي، پردي پويان جيڪي حالتون آهن اهي بيان نه ٿيون ڪري سگهجن.

هن چيو ته سڀني جا هٿ گند ۾ ڀريل آهن جيڪي قوم جي چهري تي ملڻ وڃي رهيا آهن، اهي مري ويندا پر پئسا واپس نه ڪندا.

شيخ رشيد چيو ته توهان ديني مدرسن کي استعمال نه ڪيو، مولانا صاحب توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان غلط کيڏي رهيا آهيو، جڏهن ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن غلط کيڏي رهيون آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت وٽ تعويز به هوندا آهن جيڪي وسيم سجاد جي دور ۾ به هلندا هئا پر ڪابه هارس ٽريڊنگ نه ٿيندي.

LEAVE A REPLY