شيخ رشيد بلاول ڀٽو کي استعيفيٰ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

0
115
Shaikh Rasheed

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي استعيفيٰ نه ڏيندس پر بلاول مون کان استعيفيٰ گهري ته کيس هٿ ۾ ڏيندس.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو ته لاڙڪاڻي جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، اتي تمام گهڻو گند آهي، مراد علي شاهه کي درخواست ڪيان ٿو، کيس لاڙڪاڻي ۾ گرين بيلٽ ٺاهي ڏيان ٿو، لاڙڪاڻي ۾ ريلوي پٽڙي تان اسڪول به هٽائي ڇڏيا آهن.

ريلوي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته 10 آگسٽ کان سنڌ ايڪسپريس ملتان ويندي، تيل جي قيمت وڌي وئي آهي، 10 آگسٽ کان فريٽ ٽرينن جي ريٽ ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون،  مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي،  ريلوي جي خساري ۾ چار کان پنج ارب رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

شيد رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ريلوي ۾ گهٽ حادثا ٿيا آهن، ايم ايل ون ٺهندي ته ريلوي حادثن کان بچي ويندي، هلندڙ سال ئي ايم ايل ون تي ڪم شروع ٿي ويندو،  ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪٿان پئسا ملي وڃن، ريلوي مان جيڪا رقم ڪمائي رهيا آهيون اها ئي لڳائي رهيا آهيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مريم اکيون ڏيکاري پنهنجي والد کي بچائڻ چاهي ٿي، شهباز شريف جي حضوري ڪري پٽ کي بچائڻ چاهي ٿو.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان کي استعيفيٰ نه ڏيندس پر بلاول مون کان استعيفيٰ گهري ته کيس هٿ ۾ ڏيندس.

ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي وڊيو پيغام ۾ شيخ رشيد احمد خوشي ۾ صادق سنجراڻي کي ”بجراڻي“ چوندو رهيو.

شيخ رشيد پنهنجي بيان ۾ 1973ع جي آئين کي 1972 وارو آئين به چئي ويو.

سندس چوڻ هو ته صادق سنجراڻي جي ڪاميابي جي اڳڪٿي تي ماڻهن کي وڏي تڪليف ٿي هئي، پيءُ بچايو تحريڪ هلائندڙن کي عمران خان ته ڇا ”بجراڻي“ جي استعيفيٰ به نه ملي، مخالف ڌر هاڻي به هوش کان ڪم نه ورتو ته سندن سياست زنده دفن ٿي ويندي.

LEAVE A REPLY