نيب مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو

0
122
Maryam Nawaz

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي گرفتار ڪري ورتو.

مريم نواز ڪوٽ لکپت جيل ۾ پنهنجي والد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملڻ وئي هئي جتان نيب کيس گرفتار ڪري ورتو آهي.

مليل ڄاڻ موجب نيب مريم نواز کي چوڌري شگرملز ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي.

واضح رهي ته نيب مريم نواز کي اڄ چوڌري شگرملز ڪيس ۾ طلب ڪيو هو جنهن تي مريم نواز موقف اختيار ڪيو هو ته اڄ هوءَ پنهنجي والد سان ملڻ ويندي ان ڪري نيب وٽ پيش نه ٿي سگهندي.

LEAVE A REPLY