پاڪستان پاران سمجهوتا ايڪسپريس هميشه لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان

0
89
Samjhota Express

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ سمجهوتا ايڪسپريس ٽرين هميشه لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ويندڙ هر ٽرين ۾ ٻن ڪوچز جي واڌ جو فيصلو ڪيو آهي، عيد تي 2 اسپيشل ٽرينون هلايون آهن، عيد کانپوءِ ٽرين ٽائمنگ، ڪوچز ۽ صفائي ۾ بهتر تبديلي آڻينداسين، نيون 38 ٽرينون هلائڻ سان نظام متاثر ٿيو، 70 لک مسافر وڌيڪ کنيا ۽ 10 ارب واڌو ڪمايا.

والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو اها سوچيل سمجهيل سازش ۽ هُنن جي ايجنڊا آهي، هي تمام گهڻو خطري وارو سال هوندو، هن ۾ جنگ به ٿي سگهي ٿي، اسان جنگ ڏانهن وڃڻ نه ٿا چاهيون پر ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم تي تماشائي نه ٿا بڻجي سگهون جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اُها آخري جنگ هوندي.

ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪشمير ڪو والاريل بيت المقدس ناهي، مودي غير دانشمنداڻو ڪم ڪيو، ڪجهه سياست دان اهڙي غلطي ڪندا آهن جنهن سان تاريخ بدل جي ويندي آهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ظلم تي خاموش رهون، ان ڪري ريلوي واري وزير جي حيثيت سان سمجهوتا ايڪسپريس کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، هيءَ ٽرين هفتي ۾ 2 ڏينهن هلندي هئي، هن جي مسافرن کي ٽڪٽس جي واپسي تي پورا پئسا ڏنا ويندا.

LEAVE A REPLY