مودي ثابت ڪيو ته ڀارت انتهاپسند اسٽيٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

0
67
Firdous Ashiq Awan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ هر آپشن استعمال ڪندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته مودي ثابت ڪيو ته ڀارت انتهاپسند اسٽيٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، مودي ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته پارليامينٽ جي ٺهراءَ پاڪستان جي عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي، ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڪشمير جو ايشو غور هيٺ آيو ۽ حڪمت عملي بڻائي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ سمورا ذريعا بند ڪري ڇڏيا آهن، والاريل ڪشمير جا ماڻهو هن وقت لينڊ لاڪ جو شڪار آهيون.

سڌسماءَ بابت خاص معاون چيو ته عالمي ميڊيا کي پهچ ڏني وڃي ته جيئن اها ڀارت جو اصل چهرو دنيا جي سامهون آڻي سگهي.

وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته حق خوداراديت جي تحريڪ هاڻي آزادي واري تحريڪ بڻجي سامهون آئي آهي، هاڻي ڀارت کي ڪشمير جي حق ۾ پاڪستان هر هنڌ بيٺل نظر ايندو.

LEAVE A REPLY