مريم نواز کي گرفتار ڪري قوم کي ورهايو ويو: احسن اقبال

0
80
Ahsan Iqbal

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان جي تقرير سان ڀارت ۾ باهه ٻريل هئي، ان باوجود بزدل حڪومت ان کي گرفتار ڪرايو.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته مريم نواز کي گرفتار ڪري قوم کي ورهايو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جڏهن ته اڄ مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪشمير جي مفاد خاطر اسان ان حوالي سان نه ڳالهايو ۽ ٺهراءُ منظور ڪيو، ڪيڏو نه سٺو هجي ها جو 14 آگسٽ تي متحد پاڪستان جو پيغام وڃي.

LEAVE A REPLY