پاڪستان جو والاريل ڪشمير معاملو سلامتي ڪائونسل کڻي وڃڻ جو اعلان

0
107

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير معاملي تي ٻيهر گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل ڏانهن کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کي اندروني معاملو قرار ڏيڻ غلط آهي، اسان 28 ملڪن کي قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن ۽ پنهنجي ڳڻتي بابت آگاهه ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن، هر گهر ٻاهران فوجي بيٺا آهن، ڀارت والاريل ڪشمير کي جيل بڻائي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ڪيستائين هڪ ڪروڙ 40 لک ڪشميرين کي قيد ۾ رکندو، ڪشمير عالمي تڪراري مسئلو آهي، نهرو 14 ڀيرا واعدو ڪيو ته ڪشمير جو فيصلو ان جي عوام جي خواهش موجب ٿيندو.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي واري آڇ رد ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان جي فيصلي سان افغانستان جو واپار متاثر نه ٿيندو، پاڪستان پاران هوائي حدون محدود ڪرڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، هوائي حدون محدود ناهن ڪيون.

سندس چوڻ هو ته يورپي يونين ڪشمير تي ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ته پاڪستان تيار آهي، گڏيل قومن جي ايجنڊي تي ڪشمير بابت ڪيترائي ٺاهه موجود آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت پلواما جهڙو ڊرامو رچائي سگهي ٿو ۽ ڪو نئون آپشن به استعمال ڪري سگهي ٿو، والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم ۽ جبر تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت نئون ناٽڪ رچائي سگهي ٿو، اسان ڪنهن به اڳرائي خلاف پنهنجو تحفظ ڪنداسين ۽ محتاط رهنداسين.

LEAVE A REPLY