سمجهوته ايڪسپريس کانپوءِ ٿر ايڪسپريس کي به بند ڪرڻ جو اعلان

0
97

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ سمجهوته ايڪسپريس کانپوءِ هاڻ ٿر ايڪسپريس کي به بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم جي اجازت سان سمجهوته ايڪسپريس بند ڪئي اڄ ٿر ايڪسپريس به بند ڪري رهيا آهيون جيڪا رات 12 وڳي تائين بند ٿي ويندي.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ڪشميرين سان ظلم ٿيو، عالمي قانونن جا بکيا اڊيڙيا ويا، جيڪو ڪشميرين سان گڏ نه بيهندو اهو غدار غدار جو پٽ آهي، راولپنڊي جي لال حويلي جو سري نگر جي لال چوڪ سان رت جو رشتو آهي.

سندس چوڻ هو ته ايم ايل ون جو 1800 ڪلوميٽر جو ٽريڪ پاڪستان جي معاشي صورتحال کي بدلائي ڇڏيندو، ايم ايل ون جي نئين ٽريڪ تي 160 جي اسپيڊ تي ٽرين هلندي، هي منصوبو پاڪستان جي 70 سيڪڙو حصي مان گذرندو.

LEAVE A REPLY