چوماسي جي برساتن جو ٻيو سسٽم: سنڌ جي تختگاهه ۾ تيز برسات

0
90

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چوماسي وارين برساتن جو ٻيو سسٽم داخل ٿيندي ئي سنڌ جي تختگاهه سميت مختلف شهرن تيز برسات جي شروعات ٿي وئي.

ڪراچي شهر جي نيو ڪراچي، سرجاني، شاهراهه فيصل، ايئرپورٽ، ڊالميا، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، فيڊرل بي ايريا، صدر، ڪلفٽن، ڊفينس، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ تيز مينهن پيو.

موسميات کاتي موجب ناربنگال ۾ بڻيل هوا جو گهٽ دٻاءُ ويل مارڪڊ لو پريشر جي صورت ۾ سنڌ ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب برساتون شروع ٿي ويون آهن.

موسميات کاتي موجب برسات جو سلسلو 36 کان 42 ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ تيز برسات سبب مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ تڪليفون پيش اچي رهيون آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب منگهو پير جي علائقي ميانوالي ڪالوني ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

ڪي اليڪٽر هدايتون جاري ڪيون آهن ته شهري ٽٽل تارن، بجلي جي کنڀن ۽ پي ايم ٽيز کان پري رهن، بجلي وارن اوزارن کي پيرين اگهاڙين هٿ نه لاهيو وڃي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب ڪنهن به شڪايت لاءِ 118 تي رابطو ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY