حج جي رڪن وقوف عرفه لاءِ پانڌيئڙن جي عرفات جي ميدان ۾ آمد

0
90

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ آيل لکين حج پانڌيئڙن جو منيٰ کان عرفات جي ميدان ڏانهن سفر جاري آهي.

گذريل ڏينهن منيٰ ۾ قيام کانپوءِ حج پانڌيئڙا اڄ صبح يعني 9 ذوالحج تي عرفات جي ميدان ڏانهن روانا ٿي رهيا آهن جتي حج جو رڪن وقوف عرف ادا ڪندا.

وقوف عرف دوران مسجد نمره ۾ خطبو ٿيندو جنهن کانپوءِ ٻيپهري ۽ ٽيپهري جي نماز گڏ ادا ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY