سمجهوته ۽ ٿر ايڪسپريس کانپوءِ دوستي بس سروس به معطل

0
72

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سمجهوته ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپريس کانپوءِ دوستي بس سروس به معطل ڪري ڇڏي.

مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو ته پاڪ_ڀارت بس سروس معطل ڪئي وئي آهي ۽ اهو فيصلو قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف دوستي بس سروس جي ترجمان موجب دوستي بس ۽ امرتسر بس سروس سومر ڏهاڙي کان بند ڪئي ويندي جڏهن ته ان کان پهريان معمول موجب بسون هلنديون.

دوستي بس سروس لاهور کان نئين دهلي جڏهن ته امرتسر بس لاهور کان ڀارتي پنجاب جي شهر امرتسر ويندي آهي.

LEAVE A REPLY