پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سينيئر سياستدان عيد جيل ۾ ملهائيندا

0
121

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اڳوڻو صدر، 2 اڳوڻا وزيراعظم ۽ ٻيا ڪيترائي سياستدان عيد جيل ۾ گذاريندا.

ملڪي تاريخ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، نواب محمد احمد خان قتل ڪيس ۾ جڏهن ته نواز شريف جهاز سازش ڪيس ۾ گرفتاري سبب عيد جيل ۾ گذاري چڪا آهن پر ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته هڪ ئي حڪومتي دور ۾ هڪ اڳوڻو صدر، 2 اڳوڻا وزيراعظم، اڳوڻا وزير ۽ ٻيا ڪيترائي سياستدان عيد جيل ۾ گذاري چڪا هجن.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اڳوڻا وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، فريال ٽالپر،  خواجا سعد رفيق، راڻاثناءُالله، مفتاح اسماعيل، حمزه شهباز، آغا سراج دراني، خواجا سلمان رفيق ۽ ٻيا ڪيترائي سياستدان عيد جيل ۾ ملهائيندا.

پاڪستان جا اهم ۽ مشهور سياستدان پهريون ڀيرو عيدالاضحيٰ جو ڏهاڙو جيل ۾ گذاريندا جيڪو هڪ منفرد رڪارڊ بڻجي ويندو.

LEAVE A REPLY