ٽيڪس نظام ۾ 10 لک ماڻهن جي واڌ، انگ وڌي 25 لک ٿي ويو

0
45
FBR Property Tax

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل هڪ سال ۾ 10 لک 20 هزار 37 ماڻهن جي ٽيڪس نظام ۾ واڌ سان ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌي 25 لک 13 هزار 57 ٿي ويو.

ايف بي آر ۾ ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 9 آگسٽ 2019 تائين 25 لک 13 هزار 57 ماڻهن ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا.

2017 ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ 14 لک 93 هزار 20 هو، ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي.

مليل ڄاڻ موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف عيدالاضحيٰ کانپوءِ ڪارروائي ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ترجمان موجب انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي ويندي ڇو جو پهريان ئي ان ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ پهريان 2 آگسٽ مقرر ڪئي وئي هئي.

LEAVE A REPLY