والاريل ڪشمير جي حمايت ۾ پاڪستان جو موقف مڃڻ تي چين جي مهرباني: فردوس عاشق اعواڻ

0
42
Firdous Ashiq Awan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي حمايت ۾ پاڪستان جو موقف مڃڻ تي چين جو ٿورو مڃيون ٿا.

وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته چين هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي حمايت ڪري ثابت ڪيو ته چين حق ۽ سچ سان گڏ آهي.

سڌسماءَ بابت خاص معاون جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهڙائي وارن لاڳاپن جي ڪري ضروري هو ته پاڪستان پنهنجي دوست ملڪ کي مودي جي ڪريل قدمن تي اعتماد ۾ وٺي، چين اڀرندڙ طاقت آهي، پاڪستان جو موقف مڃڻ تي ٿورو ادا ڪيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته دنيا خطي کي پرامن بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي سوچ سان گڏ بيٺل آهي جنهن جو واضح ثبوت چين جو پاڪستان جي حمايت ڪرڻ آهي، پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي طور عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪشمير مسئلي جي حل جو منتظر آهي.

فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته يو اين سيڪريٽري جنرل جو بيان ته ڀارت ڪشمير جي حيثيت بدلائڻ کان پاسو ڪري پاڪستان جي موقف جي ترجماني آهي، ڪشمير مسئلي جو حل سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ٿيڻو آهي.

وزيراعظم جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مودي جمهوري روايتن جي يقين نه ٿو رکي، رڳو مسلمان آبادي واري رياست جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هٽلر مودي انتهاپسنداڻي سوچ کي هٿي وٺرائي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY