نيشنل ڪانفرنس پاران ڪشمير بابت مودي حڪومت جو فيصلو چئلينج

0
80

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير عمر عبدالله جي سياسي جماعت نيشنل ڪانفرنس والاريل وادي بابت مودي حڪومت جي فيصلي کي ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب عمرعبدالله جي جماعت نيشنل ڪانفرنس جي ايم پي اي اڪبر لون ۽ حسنين مسعودي پاران ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

نيشنل ڪانفرنس پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ٻن يونين ۾ ورهائڻ وارو عمل غيرقانوني آهي.

LEAVE A REPLY