امت کي گهرجي ته شفقت اختيار ڪري ۽ نفرتون ختم ڪري ڇڏي: حج جو خطبو

0
52

مڪه المڪرمه (ويب ڊيسڪ) امام الشيخ محمد بن حسن آل الشيخ حج جي خطبي دوران قرآن جي تعليم تي ڌيان ڏياريندي چيو ته ڇوٽڪاري جو رستو رڳو الله جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙڻ ۾ آهي.

سعودي عرب ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ آيل لکين حج پانڌيئڙا منيٰ کان عرفات جي ميدان ۾ جمع آهن جن مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٻڌو.

وقوف عرفه دوران مسجد نمره امام الشيخ محمد بن حسن آل الشيخ حج جو خطبو ڏيندي چيو ته قرآن ۾ فرمايو ويو آهي ته الله جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيو وڃي الله قرآن ۾ فرمايو ته ڌار ڌار رستا اختيار نه ڪيا وڃا.

سندس چوڻ هو ته رسول الله صلعم فرمايو ته توهان زمين وارن تي رحم ڪيو، الله توهان تي رحم ڪندو، پنهنجي والدين سان ڀلائي وارو رستو اختيار ڪيو، والدين کانپوءِ مائٽن سان سٺو رويو رکو.

امام الشيخ محمد بن حسن آل الشيخ چيو ته انسان هجي يا جانور، سڀني سان رحمت جو معاملو اختيار ڪيو، امت کي گهرجي ته هڪٻئي سان شفقت وارو معاملو رکو ۽ نفرتون ختم ڪريو، بيشڪ الله جي رحمت احسان ڪرڻ وارن جي ويجهو آهي.

سندس چوڻ هو ته سمورا مسلمان پنهنجي نفس جو جائزو وٺن جيڪو نفس جو جائزو وٺندو آهي الله پاڪ ان کي پاڪائي عطا فرمائيندو آهي.

حج جي خطبي ۾ چيو ويو ته قرآن پاڪ جي تلاوت جي عادت بڻايو، الله جي بارگاهه ۾ سجدا ادا ڪندا اچو، جنهن ڳالهه جي خبر نه هجي ان بابت علمائن کان پڇو.

امام الشيخ محمد بن حسن آل الشيخ چيو ته نماز قائم ڪريو ۽ برائي کان بچو، الله جي رحمت کان مايوس اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو گمراهه ٿي چڪو هجي.

حج جو خطبو ٻڌڻ کانپوءِ سڀني ٻيپهري ۽ ٽيپهري نماز گڏ ادا ڪئي.

LEAVE A REPLY