فردوس عاشق اعواڻ مودي کي موجوده دور جو هٽلر قرار ڏئي ڇڏيو

0
78

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي موجوده دور جو هٽلر قرار ڏئي ڇڏيو.

سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته قومن تي ڏکيو ايندو آهي ۽ قومن کي ڏکئي وقت ۾ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ۽ قرباني ڏيڻ جي شروعات عمران خان پنهنجي ذات کان ڪئي آهي، حڪومت پنهنجا خرچ گهٽ ڪيا جنهن جو حڪومت کي استحقاق هو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير ٻئي لازم و ملزوم آهن، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي جهنڊي سان گڏ ڪشمير جو جهنڊو ڦڙڪايو ويندو، دنيا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.

وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته اسان خطي ۾ جنگ نه ٿا چاهيون پر مودي موجوده دور جو هٽلر آهي.

LEAVE A REPLY