جنگ مڙهي وئي ته پوءِ اها آخري جنگ هوندي: شيخ رشيد

0
109
Shaikh Rasheed

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پوءِ اها آخري جنگ هوندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ڀارت جي غلط فيصلي سبب سري نگر قبرستان بڻجي ويندو.

ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته سري نگر ۾ ڀارت جو سياسي، معاشي ۽ آئيني جنازو نڪري ويندو اسان تي جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته ڳالهين جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ثابت ڪريون ته ڪشمير اسان جو حصو آهي.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن بلاول جيل ويو ته تحريڪ هلائيندس، تعويذ ڪم ڪري ويا پهريان ئي چيو هو ته صادق سنجراڻي کٽي ويندو، فواد چوڌري سان صلح ٿي وئي آهي هو ڀاءُ آهي.

LEAVE A REPLY