ڪشمير بڻجندو پاڪستان: پاڪستان پاران آزادي واري ڏهاڙي جو لوگو جاري

0
19

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان 14 آگسٽ آزادي واري ڏهاڙي کي ڪشميرين سان ڳنڍيندي قومي لوگو جاري ڪري ڇڏيو.

حڪومت پاران 14 آگسٽ آزادي واري  ڏهاڙي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان حوالي سان ڪشمير بڻجندو پاڪستان جي نالي سان لوگو جاري ڪيو ويو آهي جيڪو ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.

حڪومت پاران جاري ڪيل لوگو ۾ ڳاڙهي رنگ سان لکيل ڪشمير آزادي واري جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي ظاهر ڪري ٿو جڏهن ته ڪشمير جي آزادي لاءِ هر حد تائين وڃڻ واري جذبي کي به ڳاڙهي رنگ سان اجاڳر ڪيو ويو آهي.

پاڪستان پاران جاري ڪيل لوگو ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڪشمير بڻجندو پاڪستان جو عزم کنيو ڦڙڪي رهيو آهي ۽ لوگو جي چوڌاري ڳاڙهي رنگ جي ليڪ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي ۽ ظلمن کي ظاهر ڪري رهي آهي.

LEAVE A REPLY