والاريل ڪشمير ۾ آر ايس ايس جي نظرئي موجب نسل ڪشي ٿي رهي آهي: وزيراعظم

0
27
PM Imran Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت نازي نظرئي مان متاثر راشٽريه سوايم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان ڀارت جي حڪمران جماعت بي جي پي پاران والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ ڪريڪ ڊائون جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پيغام جاري ڪندي چيو ته ڪرفيو، ڪريڪ ڊائون ۽ ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ ويجهڙائي ۾ شروع ٿيل ڪشمير جي نسل ڪشي نازي نظرئي مان متاثر راشٽريه سوايم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جو مقصد نسل ڪشي ذريعي مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي.

وزيراعظم عمران خان سوال پڇندي چيو ته ڇا دنيا ڪشمير جي معاملي کي ائين ئي خاموشي سان ڏسندي جيئن ان هٽلر کي ميونخ ۾ ڏٺو هو؟

LEAVE A REPLY