سمجهوته ۽ ٿر ايڪسپريس بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ بابت ڀارتي اپيلون رد

0
39
Samjhota Express

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزارت ڀارتي ريلوي پاران سمجهوته ۽ ٿر ايڪسپريس ٽرين آپريشن بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ ڪيل اپيلن کي رد ڪري ڇڏيو.

ريلوي واري وزارت وفاقي وزير شيخ رشيد جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت ويندڙ سمجهوته ۽ ٿر ايڪسپريس جو آپريشن ايندڙ حڪم تائين معطل رهندو.

ريلوي واري وزارت پرڏيهي کاتي جي منظوري کانپوءِ ڀارت ويندڙ ٻنهي ٽرينن کي نه هلائڻ وارو فيصلو برقرار رکيو.

واضح رهي ته ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کانپوءِ ريلوي واري وزير شيخ رشيد سمجهوته ۽ ٿر ايڪسپريس کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

LEAVE A REPLY