اپوزيشن جي اي پي سي: ڪشمير سميت ملڪي صورتحال تي غور جاري

0
37

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس جاري آهي جنهن ۾ ڪشمير سميت ملڪي صورتحال تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سربراهي هيٺ مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس جاري آهي.

آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف چيلهه ۾ تڪليف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسڪردو جي دوري سبب شريڪ ناهن.

اي پي سي ۾ ن ليگ پاران خواجا آصف، احسن اقبال ۽ اياز صادق جڏهن ته پ پ طرفان نيئر بخاري، شيري رحمان ۽ فرحت الله بابر شريڪ آهن.

اي اين پي سربراهه اسفنديارولي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جو محمود خان اچڪزئي، جمعيت علماءِ پاڪستان پاران علامه اويس نوراني، جمعيت اهلحديث ۽ ٻيا اڳواڻ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ آهن.

ذريعن موجب آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪشمير جي صورتحال ان بابت حڪمت عملي طئي ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي.

LEAVE A REPLY