ايل اين جي ڪيس: مفتاح اسماعيل جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ

0
33
Miftah Ismail Bail

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او عمران الحق جي جسماني ريمانڊ ۾ 30 آگسٽ تائين واڌ ڪئي وئي.

نيب اختيارين ايل اين جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار مفتاح اسماعيل ۽ عمران الحق کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران مفتاح اسماعيل جي وڪيل حيدر وحيد جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته ايل اين جي جو مهانگو ٺيڪو ڏيڻ وارو الزام درست ناهي.

مفتاح اسماعيل جي وڪيل جو چوڻ هو ته نيب وٽ ٻئي ڪمپني کي سستو ٺيڪو ملڻ جي حوالي سان ڪا ڀيٽ ناهي ۽ موجوده حڪومت پاران ڏنل ٺيڪا ان کان به مهانگا ڏنا ويا آهن.

ان موقعي تي ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار مفتاح اسماعيل جون ميڊيڪل رپورٽس عدالت ۾ پيش ڪيون ويون.

وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته نيب جي حراست ۾ به مفتاح اسماعيل جو معائنو ڪيو ويو، مفتاح اسماعيل جي دل ۾ سوراخ آهي کيس حراست ۾ رکڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

ن ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل پاڻ روسٽرم تي اچي ويو ۽ چيو ته نيب کي چيو وڃي ته روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ته مون وٽ اچن، نيب وارا رڳو 5 منٽن لاءِ ايندا آهن.

مفتاح اسماعيل چيو ته مون کان جاچ ڪرڻي آهي ته روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تائين ته جاچ ڪيو، نيب وارا ساڍي 23 ڪلاڪ ننڍي ڪمري ۾ بند رکندا آهن رڳو اڌ ڪلاڪ لاءِ پنڌ ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن 2 منٽ وڌي وڃن ته چوندا آهن 32 منٽ ٿي ويا آهن اندر هلو.

عدالت مفتاح اسماعيل ۽ عمران الحق جي جسماني ريمانڊ ۾ 30 آگسٽ تائين واڌ ڪندي نيب کي مفتاح اسماعيل جي ميڊيڪل سهولتن جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي.

LEAVE A REPLY