جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس: ناصر عبدالله لوٿا سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ تيار

0
35
NAB Punjab Government Employe arrest

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سميت ٻين جوابدارن خلاف داخل جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ وڏي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي.

مليل ڄاڻ موجب دبئي جي شهري ۽ سمٽ بينڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل ناصر عبدالله لوٿا جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سلطاني شاهد بڻجي ويو آهي.

جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، اومني گروپ جي سربراهه عبدالغني مجيد سميت ٻيا جوابدار نامزد آهن.

ذريعن موجب سلطاني شاهد بڻجڻ کانپوءِ ناصر عبدالله لوٿا جا گرفتاري وارنٽ به رد ڪيا ويا آهن.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير ناصر عبدالله لوٿا جا گرفتاري وارنٽ رد ڪيا، ناصر عبدالله لوٿا کي عيدالاضحيٰ کان اڳ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.

نيب ناصر عبدالله لوٿا جو بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سلطاني شاهد بڻجڻ بابت حتمي فيصلو نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪندو.

LEAVE A REPLY