جج ويڊيو اسڪينڊل: ايف آءِ اي رپورٽ تيار ڪري ورتي

0
55

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جج ويڊيو اسڪينڊل بابت عبوري رپورٽ تيار ڪري ورتي.

مليل ڄاڻ موجب ايف آءِ اي جي جاچ دوران شهباز شريف سڄو معاملو مريم نواز تي وجهي ڇڏيو جڏهن ته مريم نواز سڄو معاملو ناصر بٽ تي مڙهي ڇڏيو.

ذريعن موجب ايف آءِ اي شهباز شريف ۽ مريم نواز کان جاچ ڪئي، مريم نواز ٻڌايو ته جج ارشد ملڪ جي ويڊيو ناصر بٽ ٺاهي، مان رڳو ويڊيو کي بنياد بڻائي پريس ڪانفرنس  ڪئي، ويڊيو جاري ڪرڻ کان پهريان پرڏيهه مان فرانزڪ ڪرائي.

جج ويڊيو اسڪينڊل ڪيس بابت ايف آءِ اي سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان رپورٽ طلب ڪئي هئي.

LEAVE A REPLY