ايف بي آر هڪ لک اميرن ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

0
63

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو هڪ لک اميرن ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته وڌيڪ هڪ لک ماڻهن کي ايندڙ هفتي نوٽيس جاري ڪيا ويندا.

فيڊرل بورڊ آف روينيو کي اربين رپين جي بينڪ ٽرانزيڪشن جي ڄاڻ ملي وئي آهي ۽ مرحليوار ٽيڪس نه ڏيندڙن کي نوٽيس جاري ڪرڻ وارو عمل جاري رکيو ويندو.

ايف بي آر جي ميمبر آپريشنز سيما شڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جن هڪ لک ماڻهن نوٽيس موڪليا ويا آهن انهن جي مڪمل نشاندهي ٿي وئي آهي، اهي سڀ ٽيڪس نيٽ ۾ رجسٽرڊ ناهن ۽ امير ماڻهو آهن، ٽيڪس نوٽيسز کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

سندس چوڻ هو ته جن 6 هزار ٽيڪس نه ڏيندڙن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا انهن مان اڪثريت ۾ ماڻهن ٽيڪس رجسٽريشن حاصل ڪري ورتي آهي، ڊسڪوز جي ڊيٽا اپڊيٽ ناهي ۽ ڊسڪوز کي چيو آهي ته اهي بجلي جي صارفين جي ڊيٽا اپڊيٽ ڪن.

LEAVE A REPLY