چوڌري شگر ملز ڪيس: مريم نواز جي جسماني ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

0
42

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز ۽ ڀائيٽي يوسف عباس جي جسماني ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ چوڌري شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي احتساب عدالت جي جج نعيم ارشد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

مريم نواز ۽ يوسف عباس کي جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ نيب پاران ٻنهي جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي.

مريم نواز جي وڪيل پاران جسماني ريمانڊ جي مخالفت نه ڪئي وئي، نيب جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مختلف رخن کان جاچ ڪرڻي آهي، 1990 جي ڏهاڪي جي ٽرانزيڪشن جي جاچ ڪرڻي آهي.

احتساب عدالت مريم نواز ۽ يوسف عباس جي جسماني ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻنهي کي ٻيهر 4 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY