وفاقي وزير شيرين مزاري جو پريانڪا چوپڙا خلاف يونيسيف کي خط

0
41

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري گڏيل قومن جي اداري يونيسيف کي خط لکي پريانڪا چوپڙا کي خيرسگالي سفير جي عهدي تان برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وفاقي وزير شيرين مزاري يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر هينريٽا فور کي خط لکيو جيڪو هن پنهنجي ٽوئيٽر به شيئر ڪيو.

وفاقي وزير شيرين مزاري پنهنجي خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته يونيسيف ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا کي امن جو سفير مقرر ڪيو آهي پر ان ڀارتي سرڪار جي ظلمن ۽ سازشن جي حمايت ڪئي آهي.

خط ۾ موقف ڏنو ويو ته ڀارتي اداڪاره جو امن طور سفير رويو پاڻ امن جي خلاف آهي ڇو ته اداڪاره پاڪستان تي جوهري حملي بابت ڌمڪي جي به کلي ڪري تائيد ڪئي.

خط ۾ ڄاڻايو ويو ته پريانڪا چوپڙا جو عالمي قانونن کان هٽڻ گڏيل قومن جي ساک کي نقصان پهچائڻ برابر آهي ۽ نالي ماتر سفير پاران جوهري حملي جي تائيد گڏيل قومن جي منصب خلاف آهي.

وفاقي وزير شيرين مزاري گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته جنگي جنون ۾ مبتلا پريانڪا چوپڙا کي امن جي سفير جي منصب تان هٽايو وڃي.

LEAVE A REPLY