نيب ڪيسز ۾ ضمانت ڏيڻ جو اختيار ٽرائل ڪورٽ کي ڏيڻ جو فيصلو

0
52

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نيب قانونن جو نئين سر جائزو وٺڻ ۽ نيب ڪيسز ۾ ضمانت جو اختيار ٽرائل ڪورٽ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

قانون واري وزير فروغ نسيم، سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ۽ پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري سان گڏ پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڙيل نظام مان ڇوٽڪارو چاهيندڙن عمران خان کي مسيحا طور چونڊيو.

قانون واري وزير فروغ نسيم بريفنگ ڏيندي چيو ته سول پروسيجر ۾ ترميم جو بل منظور ٿي چڪو آهي، ٽن اپوزيشن جي ميمبرن به بل جي حمايت ڪئي، سول، زميني ۽ ڪرائيداري ڪيسن جا فيصلا هاڻي سال يا ڏيڍ سال ۾ ٻڌايا ويندا.

فروغ نسيم جو چوڻ هو ته پاڪستان جا قانون هاڻي لا منسٽري جي ويب سائيٽ به موجود آهن، 1946 کان 2018 تائين پاڪستان جي قانونن جي آرڪائيو تيار ڪئي وئي آهي، آرڪائيو ۾ 844 قانون موجود آهن.

قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته ايپ جو وزيراعظم عمران خان کان اجازت وٺي افتتاح ڪنداسين، پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، عورتن کي حقن جي ادائيگي لاءِ ٻن مهينن جي اندر سهولت ڏني ويندي.

فروغ نسيم چيو ته نيب قانونن ۾ ترميم بابت نيب سان گڏجاڻي ٿي آهي، چيف جسٽس جي تجويز آهي ته نيب جي ضمانت جو قانون ٽرائل ڪورٽ کي هئڻ گهرجي، پلي بارگين بابت به سپريم ڪورٽ جون ڪجهه هدايتون آهن.

قانون واري وزير جو چوڻ هو ته جج ارشد ملڪ جي حوالي سان اسان وٽ وقتي چيف جسٽس جو حڪم آيو هو، هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس واپس اچي ويو آهي اهو ڪو نئون حڪم ڏيندو ته عمل ڪنداسين.

LEAVE A REPLY