رضا رباني نيب قانونن جو نئين سر جائزو وٺڻ واري فيصلي کي بدنيتي قرارڏئي ڇڏيو

0
60

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته نيب قانونن ۾ نيئن سر جائزو وٺڻ وارو فيصلو بدنيتي آهي.

سينيٽر ميان رضا رباني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميم ڪرڻ سياستدانن خلاف انتقامي ڪارروائي آهي، ملڪ ۾ اهڙا قانون موجود آهن جن ۾ عدالتي فوجي ۽ سول بيوروڪريسي جو ٽرائل ڪري سگهجي ٿو.

سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته رڳو سياسي ماڻهن کي ئي خاص قانون ۽ خاص عدالت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪڏهن ٻين ادارن ۾ خوداحتسابي آهي ته پوءِ پارليامينٽ جي ميمبرن جو احتساب به پارلياماني ڪميٽي ڪري.

سندس چوڻ هو ته ان جو حل اهو ئي آهي ته احتساب بابت وفاقي ڪميشن قائم ڪئي وڃي جتي سڀني لاءِ هڪ قانون هجي ۽ اتي معاشري جي هر طبقي جو بنا فرق جي احتساب ڪيو وڃي.

سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته حقيقي احتساب تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سڀني تي هڪ ئي احتساب جو قانون لاڳو ٿيندو.

LEAVE A REPLY