مودي پاڻ کي ڦاسائي ڇڏيو،ڀارت سان ڳالهين جا دروازا بند ٿي ويا آهن:شيخ رشيد

0
44

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڻ کي ڦاسائي ڇڏيو هاڻ ڀارت سان ڳالهين جا دروازا بند ٿي چڪا آهن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مريم نواز سڄي ڪٽنب جي سياست کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڦاسي پيو آهي ڇو جو هن جي هڪ طرف سياست آهي ۽ ٻئي طرف رت آهي.

شيخ رشيد چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فاشزم جون بدترين مثالون قائم ڪيون، مودي هاڻ ڦاسي پيو آهي ڀارت سان ڳالهين جا دروازا بند ٿي چڪا آهن.

ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪشميرين سان رت جو رشتو آهي، ڇنڇر تي آزاد ڪشمير وڃي رهيو آهيان، ڪشمير سان چين به گڏ آهي ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي ڪشمير فلسطين يا بوسنيا ناهي.

LEAVE A REPLY