شهباز شريف پاران نيب وٽ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

0
49
Shahbaz sharif

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف نيب وٽ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پاران نيب جي جاري ڪيل سوالنامي جا تفصيلي جواب جمع ڪرايو ويو آهي، عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر شهباز شريف کي 10 ڏينهن آرام ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، شهباز شريف کي آزادي واري ڏهاڙي تي ماڻهن جي پيهه سبب چيلهه ۾ تڪليف ٿي هئي.

عطا تارڙ چيو ته شهباز شريف پنهنجي صحت جي ڪري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ به شرڪت نه ڪري سگهيو ۽ گذريل ڏينهن نواز شريف سان ان جي ملاقات به نه ٿي سگهي.

واضح رهي ته نيب شهباز شريف کي ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڄ طلب ڪيو هو.

وڌيڪ پڙهو: نيب شهباز شريف کي اڄ طلب ڪري ورتو

LEAVE A REPLY