وزيراعظم پاران بي نامي ملڪيتن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

0
53
PM Imran Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان بي نامي ملڪيتن بابت ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان پاران بي نامي ملڪيتن جي ڪريڪ ڊائون بابت سموري ملڪ جي ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي سربراهن کي ذميواري ڏني وئي آهي.

وزيراعظم عمران خان پاران سمورن آفيسرن کي لاڳاپيل علائقن ۾ بي نامي ۽ شڪي ملڪيتن جي نشاندهي ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

وزيراعظم پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽ ۾ نشاندهي نه ڪئي ويندڙ بي نامي ملڪيت جو دير سان خبر پوڻ تي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو سربراهه ذميوار هوندو ۽ لاڳاپيل آفيسر خلاف بي نامي قانون تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

وزيراعظم آفيس پاران سمورن صوبائي چيف سيڪريٽريز کي جاري ڪيل حڪم موجب سمورا آفيسر 30 سيپٽمبر تائين پنهنجي رپورٽ ايف بي آر چيئرمين کي موڪلڻ جا پابند هوندا.

LEAVE A REPLY