ايف بي آر پاران يو اي اي کان اقامو رکندڙ پاڪستانين جا ڪوائف طلب

0
56

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) کان اقامو رکندڙ پاڪستانين جا ڪوائف طلب ڪري ورتا.

فيڊرل بورڊ آف روينيو اقامو رکندڙ پاڪستانين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي ناڻي واري وزارت کي خط لکيو آهي.

ايف آءِ آر پاران لکيل خط موجب گڏيل عرب امارتن پاران هن وقت تائين فراهم ڪيل ڄاڻ اڻپوري ۽ پختي ناهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽ ۾ 3620 اڪائونٽس جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي انهن اڪائونٽس ۾ ٻڌايل بئلينس گهڻو گهٽ آهي ۽ هي اهو بئلينس اسان جي اميدن جي ابتڙ ۽ اڻپورو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو موجب جيڪڏهن ڪو پاڪستاني قانوني طور تي يو اي اي ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿو ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي هڪ ٽيم ايندڙ مهيني گڏيل عرب امارتن ڏانهن ويندي جتي لاڳاپيل اختيارين سان ڊيٽا شيئرنگ لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون.

LEAVE A REPLY