پاڪستان تي حملو ٿيو ته خطي جو نقشو بدلجي ويندو: شيخ رشيد

0
45
Shaikh Rasheed

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان تي حملو ٿيو ته خطي جو نقشو بدلجي ويندو.

 مظفرآباد ۾ ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڀارت هندومت جي برتري چاهي ٿو، فاشٽ هٽلر مودي کي سندس حماقت ٻوڙيندي.

هن چيو ته هن قوم پنهنجي پيٽ تي ڀٿرٻڌي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، اصلي پاڪستان جي ٺهڻ جو وقت هاڻي اچي ويو آهي، هاڻي پاڪستان جي تڪميل ٿيندي ۽ ڪشمير پاڪستان سان گڏ هوندو، جيڪو ڪشمير سان گڏ هوندو اُهو هن ملڪ جو راجڪمار هوندو، اڄ اسان سڀ مودي جي ڪري هڪ ٿي ويا آهيون.

سندس چوڻ هو ته هاڻي جنگ ٿي ته برصغير جو نقشو بدلجي ويندو، پاڪستان ۽ ڀارت جي نه پر برصغير جي ويڙهه هوندي، اسان پنهنجون ڦُل جهڙيون، مرچ مصالحا شبِ برات لاءِ نه رکيا آهن، ملڪ جو دفاع هرقيمت تي ڪنداسين، خطي ۾ ڀارت جي حڪمراني جو خواب چڪناچور ڪنداسين.

LEAVE A REPLY