ڀارت سان ٽي جنگيون وڙهي چڪا آهيون چوٿين لاءِ به تيار آهيون: فواد چوڌري

0
52
Ch Fawad Hussain

لاهور (ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته يو اي اي طرفان نريندر مودي کي ايوارڊ ڏيڻ سان پاڪستان ۾ مايوسي پيدا ٿي آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪشمير تي پاڪستان جو سفارتي ۽ سياسي نظريو بلڪل صحيح آهي، اسان صحيح طريقي سان اڳيان وڌي رهيا آهيون.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٻه ايٽمي طاقتون اکين ۾ اکيون وجهي بيٺل آهن، ڀارت امن چاهي ٿو ته امن ڏيکارينداسين، جنگ چاهي ٿو ته ان جي لاءِ به تيار آهيون، ڀارت سان 3 جنگيون وڙهي چڪا آهيون چوٿين لاءِ به تيار آهيون.

هن چيو ته اسان جي ملڪ جو ننڍو توڙي وڏو جنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪشمير ۾ ڪرفيو آهي، ماڻهن کي ٻاهر نه پيو نڪرڻ ڏنو وڃي، مودي والاريل ڪشمير ۾ زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي.

فوادچوڌري چيو ته يو اي اي اڄ جنهن مقام تي آهي ان ۾ پاڪستان جو به ڪردار آهي، يو اي طرفان مودي کي ايوارڊ ڏيڻ سان پاڪستان ۾ مايوسي پيدا ٿي آهي.

LEAVE A REPLY