آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پاڪ_ڀارت جنگ ڏسي رهيو آهيان: شيخ رشيد

0
38
Shaikh Rasheed

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، هاڻي جنگ ٿي ته آخري هوندي.

تفصيل موجب تقريب کي خطاب ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته گڏيل قومو ۽ سلامتي ڪونسل ڪشمير مسئلو حل نه ڪري رهيا آهن، سلامتي ڪونسل مسئلو حل ڪرڻ چاهي ها ته راءِ شماري ٿي چڪي ها.

هن چيو ته ڪشميرين جي آواز سان گڏ آواز ملاءِ بيهڻو آهي، فاشٽ مودي جي راهه ۾ رُڪاوٽ رڳو پاڪستان آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته قائداعظم مسلم دشمن سوچ جو اڳ ئي اندازو لڳايو هو، خونخوار مودي جي ڪري ڪشمير مان بارود جي ڌپ اچي رهي آهي، جيڪي سوچن ٿا ته ڳالهين جي گنجائش آهي اهي بيوقوف آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي خوش قسمتي آهي جو اسان سان گڏ چين جهڙو دوست بيٺل آهي، 27 سيپٽمبر تي عمران خان جي گڏيل قومن ۾ تقرير اهميت رکي ٿي.

LEAVE A REPLY