پنجاهه هزار جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط موجود آهي: شبر زيدي

0
78
FBR Chairman

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پنجاهه هزار جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط موجود آهي پر ڪارروائي کي سيپٽمبر تائين روڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ مئنيجمينٽ ايسوسي ايشن آف پاڪستان ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ هو ته انڪم ٽيڪس فائلر جو تعداد 25 لک کان وڌي ويو آهي، انڪم ٽيڪس گوشوارا داخل ڪرائڻ جو مرحلو وڌيڪ آسان ڪري رهيا آهيون.

شبر زيدي جو چوڻ هو ته سيلز ٽيڪس گوشوارن جي مانيٽرنگ لاءِ سافٽ ويئر آڻي رهيا آهيون، سيلزٽيڪس سافٽ ويئر ٽيڪس ڏيندڙن تي لاڳو سيلزٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جو فيصلو ڪندو.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته مرڪزي سسٽم اچي وڃي ته جيئن ڪيترو پيسو منتقل ٿي رهيو آهي، اسان دڪاندارن کي سمجهايو آهي، 2 ڌار اسڪيمون آهن، قومي سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط موجود آهي پر ڪارروائي سيپٽمبر تائين روڪي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ٽيڪس ادا ڪندڙن کي فارن ڪرنسي اڪائونٽ کولڻ جي اجازت آهي، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ تعليمي ادارن کي نوٽيس موڪليا آهن، جيڪو به سيڪٽر آمدني ڪري ٿو ان کي ٽيڪس ڏيڻي پوندي، وڏي تعداد ۾ ريسٽورنٽس کي ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو آهي.

ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ هو ته بي نامي اثاثا ڳولهڻ آسان ناهي، اهي بي نامي اثاثا ئي سامهون آيا جيڪي عدالت جي ذريعي سامهون آيا، بي نامي اثاثن تي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.

LEAVE A REPLY