ٺاهه جي ويجهو آهيون، مسلمان ۽ آزادي پسند جلد سٺي خبر ٻڌندا:افغان طالبان

0
51

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر ۾ افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته هو آمريڪا سان ٺاهه جي ويجهو پهچي ويا آهن.

افغان طالبان جي نمائندن ۽ آمريڪا وچ ۾ قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ امن ڳالهين جو نائون دور جاري آهي جنهن ۾ ٺاهه کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

ان حوالي سان قطر ۾ افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته دوحا ۾ آمريڪا طالبان ڳالهيون اڄ به جاري رهنديون جڏهن ته ڳالهين ۾ ٺاهه جي ويجهو پهچي ويا آهيون.

افغان طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين جو چوڻ هو ته اميد آهي ته مسلمان ۽ آزادي پسند جلد سٺي خبر ٻڌندا.

LEAVE A REPLY