آصف علي زرداري جا خيرخواهه پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهن: شيخ رشيد

0
118
Shaikh Rasheed

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا خيرخواهه پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهن، نوازشريف جي ماڻهن کي به رقم جي ادائيگي لاءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته عمران خان اين آر او ڪڏهن به نه ڪندو، جيڪڏهن ٿوڙا گهڙا پئسا ڏئي ڇڏين ته ڪجهه ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته مرڪز ۾ ن ليگ 2 ٿيڻ وڃي رهي آهي، ان جي قيادت شهبازشريف ڪندو يا چوڌري نثار علي ان جي اڃا خبر ناهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڀارتي ميڊيا ڪالهه سڄو ڏينهن مونکي ڪرنٽ لڳڻ جون خبرون هلائيندو رهيو آهي، هو چاهين ٿا ته مان مري وڃا.

پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ بابت ڳالهائيندي هُن چيو ته پاڪستان جي قوم ۽ فوج ڪشمير خاطر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيڪڏهن ڀارت آزادڪشمير يا لاهور ڏانهن وڌندو ته اسان اسمارٽ بم سان هُن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مولانافضل الرحمان مون سان گڏجي مودي خلاف ريلي ڪڍندو، ڪشمير تي سڀ جماعتون هڪ ٿيڻ وڃي رهيون آهن.

ريلوي واري وفاقي وزير اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان 6 سيپٽمبر تي بهاولپور اسٽيشن جو افتتاح ڪندو جڏهن ته 7 سيپٽمبر تي راجن پور، ڊي جي خان اسٽيشن جو به افتتاح ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY