ٻن مهينن ۾ ٽيڪس وصولي 580 ارب رپيا رهي: ايف بي آر چيئرمين

0
68

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ٻن مهينن ۾ ٽيڪس وصولي 580 ارب رپيا رهي آهي.

ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آگسٽ ۾ 8 کان 10 موڪلن باوجود 297 ارب 40 ڪروڙ رپين جي ٽيڪس وصولي ٿي.

سندس چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال جي ٻن مهينن ۾ ٽيڪس وصولي جي هدف جو 90 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو آهي.

ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٽيڪس وصولي هدف جي مقابلي ۾ 90 سيڪڙو رهي، جولاءِ کان آگسٽ ٽيڪس وصولي 644 ارب رپين جي مقابلي ۾ 580 ارب رپيا رهي.

LEAVE A REPLY