حڪمرانن جون پاليسيون ملڪي سلامتي لاءِ خطروبڻجي ويون آهن:احسن اقبال

0
40

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت هڪ سال ۾ ئي ملڪي معيشت کي ريڊ زون ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪمرانن جون پاليسيون ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪيون آهن.

اسلام آباد ۾ مريم اورنگزيب ۽ محمد زبير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان ڪشمير تي غيرآئيني قدم کي کنئي 29 ڏينهن گذري ويا آهن پر اسان اڃا تائين سليڪٽڊ حڪومت جي پختن قدمن جا منتظر آهيون.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم پرڏيهي ملڪن جا دورا ڪري رهيو آهي ۽ اسان جو وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر نه ٿو نڪري.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير معاملي تي سرگرم نظر نه ٿا اچن.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته وزيراعظم نه دوست ملڪن جا دورا ڪيا ۽ نه ئي اسلامي سربراهي ڪانفرنس گهرائڻ لاءِ مجبور ڪيو، پاڪستان جي خواهش بنا ڪو دوست ملڪ اسان جي مدد ڪيئن ڪندو؟

پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ميمبرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن ڪٿي ائين نه ٿئي جو سڀ راتون رات ڀڄي وڃن.

LEAVE A REPLY