معيشت کي پنڪچرهڻندڙڪهڙي منهن سان درس پيا ڏين؟فردوس عاشق اعواڻ

0
39
Firdous Ashiq Awan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته معيشت کي پنڪچر هڻندڙ ڪهڙي منهن سان اسان کي ليڪچر ٿا ڏين؟

وزيراعظم جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ چيو ته احسن اقبال ڪشمير مسئلي تي قومي يڪجهتي کي سياست جي ور نه چاڙهيو.

فردوس عاشق اعوان ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪشمير مسئلو پوري پاڪستاني قوم جو گڏيل مسئلو آهي، ان مسئلي تي قومي يڪجهتي کي سياست جي ور نه چاڙهيو.

سندس چوڻ هو ته پنج آگسٽ کان وٺي اوهان جي جماعت يا ٻي مخالف ڌر ڪشميري عوام لاءِ ڪهڙو آواز اٿاريو؟ ڇا توهان جي جماعت ڪو جلسو، ريلي، ميڙاڪو يا ڪو سيمينار منعقد ڪيو آهي؟

وزيراعظم جي سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي جنهن جي ايجنڊا اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ لٽيل دولت کي بچائڻ کانسواءِ ڪجهه نه هو، ڪشمير مسئلي کي جهڙي طرح موجوده حڪومت اجاڳر ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي.

LEAVE A REPLY